مصر پاران داعش جي ويڙهاڪن جي مدد وارن الزامن کانپوءِ حماس غزا جي پٽي ۾ مصري سرحد تي فورسز وڌائي ڇڏي

Egyptian tank behind barbed wire

مصر پاران داعش جي ويڙهاڪن جي مدد وارن الزامن کانپوءِ حماس غزا جي پٽي ۾ مصري سرحد تي فورسز وڌائي ڇڏي آهي.

حماس پاران مصر سان لڳندڙ 13 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد وٽ ڪيتريون ئي فوجي چوڪيون ۽ نظرداري لاءِ ٽاورز تعمير ڪيا ويا آهن، جن ۾ سوين سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ سان گڏ پيٽرولنگ به وڌائي وئي آهي.

حماس پاران غزا جي پٽي ۾ سڪيورٽي وڌائڻ جو سلسلو حماس ۽ مصر جي انٽيليجنس عملدارن جي وچ ۾ قاهره ۾ ٿيل ڳالهين ۾ معاهدي کانپوءِ شروع ڪيو ويو هو.

معاهدي تحت حماس سرنگهه ٺاهڻ جو ڪم بند ڪيو ويو آهي، جنهن جي عيوض مصر رفاح بارڊر ڪراسنگ کولي ڇڏي آهي، جيڪا غزا جي دنيا سان رابطي جو مک رستو آهي.

مصر پاران حماس تي داعش جي ويڙهاڪن جي مدد ڪرڻ جا الزام آهن، جيڪي مصر ۾ حڪومت خلاف ويڙهاڪ ڪارروائين ۾ ملوث آهن پر حماس اهڙن الزامن جي ترديد ڪري ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*