ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ڪريڪر حملي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ATC-karachi-14-4-16

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ڪريڪر حملي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.

سنگولين جي بروهي چوڪ تي موٽر سائيڪل سوار دهشتگرد ڪريڪر اڇلائي فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سمبرين، سندس ڌيءَ امبرين، نوجوان رحمت علي، پيرسن سليم ۽ زوهيب سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ۽ رينجرز واري واقعي واري هنڌ پهتي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

پوليس موجب ڪريڪر حملو لياري گينگوار جي دهشتگردن ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*