پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سماجي اڳواڻ خرم ذڪي جي قتل جي مذمت

asifbilawal09-9

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سماجي اڳواڻ خرم ذڪي جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  سماجي اڳواڻ خرم ذڪي    ناانصافين خلاف مثالي جاکوڙ ڪندڙ اڳواڻ هو، سندس قاتلن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.

اڳوڻي صدر آصف زرداري به خرم ذڪي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي خرم ذڪي جي وارثن سان ڇک ۾ برابر جي شريڪ آهي.

آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته خرم ذڪي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*