سپريم ڪورٽ، اين اي 110 تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ خواجه آصف جي وڪيل نادرا جي رپورٽ جو جائزو وٺي ٻن هفتن اندر جواب داخل ڪرڻ جو حڪم

SupremeCourt-7-7-15

سپريم ڪورٽ، اين اي 110 تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ خواجه آصف جي وڪيل نادرا جي رپورٽ جو جائزو وٺي ٻن هفتن اندر جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته رپورٽ گهر نٿي موڪلي سگهجي، وڪيل آفيس اچڻ کان اڳ پڙهي وٺن ها.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اين اي 110 تي مبينا ڌانڌلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران تحريڪ انصاف جي اميدوار عثمان ڊار جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم بعد نادرا جي رپورٽ اچي وئي آهي ۽ هاڻي ڪيس مختصر ٿي ويو آهي، عدالت کي جلد فيصلو ٻڌائڻ گهرجي.

ٻڌڻي دوران خواجه آصف جي وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي ته هن نادرا جي رپورٽ ناهي پڙهي، تنهنڪري ڪري جائزي لاءِ وقت ڏنو وڃي.

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته رپورٽ گهر نٿي موڪلي سگهجي، وڪيل آفيس اچڻ کان اڳ پڙهي وٺن ها.

عدالت رپورٽ جي جائزي لاءِ خواجه آصف جي وڪيل راشدين قصوري کي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي ڪاميابي کي تحريڪ انصاف جي عثمان ڊار چئلينج ڪيو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*