سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي جي 2 هزار سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي ٽن هفتن اندر ترقيون ڏئي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي جي 2 هزار سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي ٽن هفتن اندر ترقيون ڏئي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جسٽس محمد علي مظفر جي سربراهيءَ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن کي ترقيون نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته صوبي جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن جي ترقي جي حوالي سان سمري 2013ع کان سي ايم هائوس ۾ پيل آهي.

چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿي آگاهي ڏني ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پروموشن لاءِ قانوني طور تي مستحق آهن، سندن سمري به منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي.

عدالت صوبائي حڪومت جي جواب کانپوءِ سمورن سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن جي پروموشنز جي حوالي سان سمري منظور ڪري پهرين جون تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*