نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنس ڪيمپ جاري،شاهد آفريدي ۽ محمد حفيظ انجري سبب شرڪت نه ڪئي

Shahid-Afridi-30-3-16

نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنس ڪيمپ جاري آهي،جنهن ۾ شاهد آفريدي ۽ محمد حفيظ انجري سبب شرڪت نه ڪئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نگراني هيٺ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور  ۾لڳايل فٽنس ڪيمپ ۾ شاهد آفريدي ۽ محمد حفيظ انجري سبب شرڪت کان  انڪار ڪيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايبٽ آباد ۾رٿيل بوٽ ڪيمپ کان پهرين رانديگرن جي فٽنس معلوم ڪرڻ لاءِ اين سي اي ۾ هڪ فٽنس ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪيمپ گذريل ڏينهن جي شروع ٿي آهي،جيڪا 12 تاريخ تائين جاري رهندي.

ڪيمپ جي پهرين ڏينهن شاهد آفريدي ٽوئيٽ ذريعي پي سي بي کي آگاهه ڪيو ته هو گوڏي جي انجري سبب ڪيمپ ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي.

محمد حفيظ به انجري سبب ڪيمپ ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مصباح الحق عمره جي ادائيگي سبب ڪيمپ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته هو ايبٽ آباد ۾ رٿيل بوٽ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*