ملير جي رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ايگليٽ فورس جي 170 اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ تقريب

Pakistani police anti-terrorism personne

ملير جي رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ايگليٽ فورس جي 170 اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ تقريب دوران پاس آئوٽ ٿيل اهلڪارن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ مهارت جو مظاهرو ڪيو، ڊي آءِ جي فنانس سلطان خواجه چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

رزاق پوليس ٽرينگ  سينٽر  ۾ 6 عورت اهلڪارن سميت ۾ ايگليٽ فورس جي 170اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ٿي، جنهن دوران ڊي آءِ جي فنانس سلطان خواجه مکيه مهمان هو.

تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي سلطان خواجه چيو ته سنڌ پوليس جي جوانن کي پاڪ فوج کان تربيت ڏياري آهي ۽ شهيد اهلڪارن جي وارثن لاءِ فنڊ20 لک مان وڌائي 60 لک رپيا ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

ان موقعي تي تربيت مڪمل ڪندڙ اهلڪارن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ مهارت جو مظاهرو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*