سيپڪو عملدارن 4 لک رپين کان مٿي جي رهت ڄاڻائي فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر اسپتال ايٽ پڪاچانگ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي

faiz

سيپڪو عملدارن 4 لک رپين کان مٿي جي رهت ڄاڻائي فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر اسپتال ايٽ پڪاچانگ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي، جنهن ڪري اسپتال ايندڙ مريض شديد گرمي کي منهن ڏيڻ سان گڏ هڪ عورت بيهوش ٿي وئي آهي، جڏهن ته گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي نه هجڻ ڪري لکين رپين جي بيمارين کان بچاءٌ واري قيمتي ويڪسين خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، تعلقي فيض گنج ۾ واحد سرڪاري اسپتال هئڻ ڪري هرروز 5 سئو کان 6 سئو جي او پي ڊي ۾ مريض اچن ٿا، جن ۾ اڪثر معصوم ٻار ۽ عورتون آهن، جيڪي هن وقت شديد گرمي دوران اسپتال ۾ بجلي جي بندوبست نه ٿيڻ ڪري هٿ جي ٺهيل پکن سان پنهنجي پاڻ گرمي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن دوارن هڪ عورت بيهوش پڻ ٿي وئي، جتي اسپتال ۾ موجود مريضن جو چوڻ آهي ته علاج خاطر اسپتال اچون ٿا پر دوائون سرڪاري اسپتال ڪونه ٿيون ملن جڏهن ته بجلي نه هجڻ ڪري شديد گرمي وڌيڪ بيمار ٿي ويا آهيون، ٻئي طرف فيض گنج اسپتال جي ايم ايس حفظ الرحمان جو چوڻ هو ته بجلي لاءِ پئسا اڪائونٽ وارن منظور ناهن ڪيا جنهن ڪري تڪليف آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*