ٽنڊي ڄام ويجهو ڪوئلو کڻي ويندڙ مال گاڏيءَ ۾ اوچتو ڌماڪي سبب 4 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا

hyderabad-train

ٽنڊي ڄام ويجهو ڪوئلو کڻي ويندڙ مال گاڏيءَ ۾ اوچتو ڌماڪي سبب 4 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا، جنهن سبب ريلوي جي ڊائون ٽريڪ تي گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي، ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ چيو آهي ته واقعو ڪوئلي ۾ ڌماڪي سبب پيش آيو آهي.

حيدرآباد کان روهڙي طرف ڪوئلو کڻي ويندڙ مال گاڏي ۾ ڳوٺ مريد سپيو وٽ اوچتو ڌماڪو ٿي پيو، جنهن سبب ٽرين جا 4 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا.

ڌماڪي سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته ٽرين جا گاڏا پٽڙي تان لهڻ سبب ڊائون ٽريڪ تي گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي.

ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مال گاڏيءَ تي ڪوئلي اندر ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*