سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسٽيل ملز ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي، نيب پاران جواب داخل

Sindh-High-Court

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  اسٽيل ملز ڪرپشن ڪيس  جي ٻڌڻي دوران نيب جواب داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب ۽ ٻين جوابدارن 2008 ۽ 2009 ۾ ڊيلرز کي سستي اگهه تي شيون وڪري قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ اسٽيل ملز ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب پاران جواب داخل ڪرايو ويو.

نيب جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب ۽ ٻين جوابدارن 2008 ۽ 2009 ۾ ڊيلرز کي سستي اگهه تي شيون وڪري قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچايو آهي.

عدالت نيب جي رپورٽ ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 17 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*