سنڌ رزرو پوليس مان برطرف ڪيل 1832 اهلڪارن حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ سکر ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻا هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي

sindh-rozo-police

سنڌ رزرو پوليس مان برطرف ڪيل 1832 اهلڪارن حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ سکر ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻا هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

حيدرآباد ۾ سنڌ رزرو پوليس جي آفيس ۾ اهلڪارن کي گهرائي برطرفي جا آرڊر ڏنا ويا، جنهن خلاف اهلڪارن سخت نعريبازي بعد ريڊيو پاڪستان وٽ گڏ ٿي ڌرڻو هنيو.

سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ برطرف اهلڪارن سکر ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ اهلڪارن جو چوڻ هو ته پنج سال اڳ ميرٽ جي بنياد تي کين ڀرتي ڪرڻ کانپوءِ کين مختلف تربيتي ڪورس ڪرائڻ کانپوءِ ڪمانڊو ٽريننگ به ڪرائي وئي.

هنن چيو ته گذريل پنج سالن دوران کين پگهارون به جاري ٿينديون رهيون آهن، پر هاڻي کين جعلي قرار ڏئي نوڪرين کان محروم ڪيو پيو وڃي.

برطرف ڪيل ايس آر پي اهلڪارن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن برطرفي وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*