ملير ۾ ندي مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو

malir

ملير ۾ ندي مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، ٺٽَي ويجهو ڪي ڊي اي ريگيوليٽر وٽان به نوجوان جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي، وارثن موجب نوجوان ٻن ڏينهن کان گم هو، جنهن جو اڄ لاش مليو.

ملير ۾ پورٽ قاسم انڊسٽريل زون جي ندي مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، جيڪو سکن پوليس تحويل ۾ وٺي جناح اسپتال منتقل ڪيو.

ڪينجهر ڀرسان ڪي ڊي اي جَي ريگيوليٽر وٽان نوجوان جو تشدد لاش مليو، جيڪو پوليس تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو.

لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ چليار واسي نوجوان حيدر کوکر طور ڪئي وئي، وارثن موجب نوجوان گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار طور نموني گم هو، جنهن جو اڄ لاش هٿ آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*