سنڌ سروسز ٽربيونل سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر جي آفيسرن جي مقرري خلاف اسٽي برقرار رکي ڇڏيو

service-tribunals

سنڌ سروسز ٽربيونل سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر جي آفيسرن جي مقرري خلاف اسٽي برقرار رکي ڇڏيو آهي، سروسز ٽربيونل پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته درخواست گذار چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي سگهن ٿا.

سنڌ سروسز ٽربيونل جي مجيب الله صديقي گسٽا سنڌ جي صدر اشرف خاصخيلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سروسز ٽربيونل  وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد تعليم کاتي ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر جي آفيسرن جي مقرري خلاف اسٽي برقرار رکندي حڪم ڏنو آهي ته درخواست گذار چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي سگهن ٿا.

سنڌ جي تعليم کاتي ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڊي او جي جاءِ تي مئنيجمينٽ ڪيڊر جي آفيسرن کي مقرر ڪيو هو، جن خلاف ، سروسز ٽربيونل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*