اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، عمران فاروق قتل ڪيس ۾ سهولتڪار جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار معظم علي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

islamabad-highi-court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، عمران فاروق قتل ڪيس  ۾ سهولتڪار جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار معظم علي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار معظم علي پنهنجي وڪيلن جي معرفت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران فاروق جو قتل لنڊن ۾ ٿيو پر سازش جو ڪيس ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

جوابدار معظم موقف اختيار ڪيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ سندس سڌيءَ ريت ملوث هئڻ جا ڪي به ثبوت نه آهن.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري معظم علي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*