را 22 سالن کان متحده سربراهه کي فنڊنگ ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو ته متحده سربراهه جي پگهار بند ٿي ويندي:مصطفيٰ ڪمال

mustfa-kamal-

پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته را 22 سالن کان متحده سربراهه کي فنڊنگ ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو ته متحده سربراهه جي پگهار بند ٿي ويندي، را جي حوالي سان جلد پردي پٺيان لڪل 8 شخصيتن جا نالا ظاهر ڪيا ويندا.

حضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ درازه شريف روانگي کان اڳ سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري جنگ کانسواءِ ئي ڪراچي کي مفلوج بڻائي ڇڏيو هو پر شهر ۾ آپريشن کانپوءِ متحده سربراهه سخت پريشان آهي.

هن چيو ته را 22 سالن کان متحده سربراهه کي فنڊنگ ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن شهر ۾ امن قائم ٿيو ته سندس پگهار بند ٿي ويندي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته حيدرآباد ۽ سکر ٺيڪ هوندا ته سمورو پاڪستان ٺيڪ هوندو ۽ قافلي تي پٿراءُ جو ڪيس داخل نه ڪرايو آهي.

پي ايس پي سربراهه چيو ته را کان فنڊنگ جي حوالي سان جلد پردي پٺيان لڪل 8 اهم شخصيتن جا نالا به ظاهر ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*