پاناماليڪس جي ويب سائيٽ تي سندس نالو شامل نه آهي:عليم خان

aleem-khan-PTI

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان آف شور ڪمپنين بابت رپورٽن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پاناماليڪس جي ويب سائيٽ تي سندس نالو شامل نه آهي، حڪومتي ڌر جي چوڻ تي هڪ اخبار سندس ٽيون ڀيرو نالو شايع ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن، ايف بي آر ۽ ٻين ادارن وٽ ڪمپنين جا تفصيل موجود آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عليم خان چيو ته پاناماليڪس جي ويب سائيٽ تي سندس هڪ ڀيرو به نالو پڌرو ناهي ٿيو، پر پاڪستان ۾ هڪ خابرو ادارو سندس پٺيان پئجي اجائي واويلا ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته  ايف بي آر کي پنهنجن ڪمپنين جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪمپنيون ايف بي آر کي فراهم ڪيل لسٽ ۾ شامل آهن ۽ سڀ ڊڪليئر آهن.

سندس چوڻ هو ته هـــُو احتساب لاءِ تيار آهي، پي ايم هائوس ۾ ويٺل ڪجهه عنصر سڄو ڏينهن سندس جاچ ۾ رڌل هوندا آهن، پر ان باوجود کين ڪجهه حاصل نه ٿيندو آهي.

عليم خان چيو ته اين اي 122 تي سردار اياز صادق سان مهاڏو اٽڪائڻ کانپوءِ ڪجهه ماڻهن جون ننڊون حرام ٿيل آهن، جيڪي بار بار سندس نالو اخبارن ۾ ڇپرائي رهيا آهن.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته سندس پرڏيهه ۾ ڪمپنيون جائز طريقي سان هلي رهيون آهن، جن جا تفصيل قوم آڏو پيش ڪيا ويا آهن ………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*