هنڱورجا ويجهو بينظير مائينر کي گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو

hangorija-

هنڱورجا ويجهو بينظير مائينر کي گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، آبادگارن آبپاشي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

بينظير مائينر کي ملهيراڻي سولنگي ڳوٺ سامهون اوچتو گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ڪمند ۽ وونئڻن  جي فصل سميت 15 ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

آبپاشي عملو نه پهچڻ ۽ گهارو بند نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين خدا بخش سهتَي، ڪانڊيرو خان ۽ احمد خان منڱڻيجَي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مائنر جي گذريل ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب مٽي ڀرجي وئي آهي، جنهن سبب گهارا پوڻ معمول بڻجي ويو آهي.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته فوري طور گهارو بند ڪرائي مائينر جي کاٽي ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال شروع ڪئي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*