ٽيڪس لڪائڻ وارين پناهگاهن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن:اقتصادياتي ماهرن جو برطانوي وزيراعظيم کي خط

david-cameron

3 سئو کان وڌيڪ اقتصادياتي ماهرن هڪ خط ذريعي برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سميت عالمي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽيڪس لڪائڻ وارين پناهگاهن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

اقتصادي ماهرن پاران هي خط اهڙي وقت ۾ لکيو ويو آهي، جڏهن خميس کان برطانيه جي ميزباني هيٺ لنڊن ۾ بدعنواني جي خاتمي بابت عالمي سربراهي ڪانفرنس شروع ٿيندي، جنهن ۾ 40 ملڪن جي سياستدانن کانسواءِ عالمي بينڪ ۽ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جا نمائندا به شرڪت ڪندا.

اقتصادي ماهرن جي هن گروپ ۾ 47 برطانوي پروفيسر به شامل  آهن، جن جو تعلق آڪسفرڊ ۽ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس سميت اهم برطانوي يونيورسٽين سان آهي.

سمور تي جاري ڪيل ان خط ۾ چيو ويو آهي ته هو زور ڀرين ٿا ته هلندڙ مهيني بدعنواني جي خاتمي واري ڪانفرنس کي ٽيڪس هيوَنـــَز جي دور جي خاتمي لاءِ اهم ڪوششن لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي پناه گاهون عالمي معيشت لاءِ  ڪارائتيون نه آهن پر انهن جو فائدو ڪجهه اميرن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي آهي ۽ اهي اڻبرابري ۾ واڌ جو ذريعو به آهن.

هنن ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا جا غريب ملڪ ٽيڪس بچائڻ جي انهن ڪوششن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا ۽ کين ساليانو 170 ارب ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو.

اقتصادي ماهرن خط ۾ برطانيه ۽ ٻين ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي ٽيڪس هـــَيونــــَز َ بابت پراسراريت جو نقاب هٽائن ۽ پنهنجي انتظام هيٺ اهڙن علائقن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته اتان معلومات حاصل ڪرڻ ممڪن هجي.

ٽيڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏيندڙ ملڪن يا علائقن بابت بحث پاناما پيپرز جي انڪشافن کانپوءِ زور پڪڙيو آهي،  جنهن ۾ آف شور ڪمپنين ذريعي ٽيڪس چوري جا انڪشاف سامهون آيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*