عوامي نيشنل پارٽي پي ڪي 8 پشاور تي چونڊن کان اڳ مبينا ڌانڌلين خلاف يادداشت نامو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

Election--11-11

عوامي نيشنل پارٽي پي ڪي 8 پشاور تي چونڊن کان اڳ مبينا ڌانڌلين خلاف يادداشت نامو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جلسي جي اجازت ناهي ڏني، ان باوجود تحريڪ انصاف جلسو ڪري چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري سان افراسياب خٽڪ جي اڳواڻي ۾ اي اين پي جي وفد ملاقات ڪري يادداشت نامو جمع ڪرايو.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي افراسياب خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ جلسي لاءِ مڪاني ادارن جي عملي کي استعمال ڪري رهي  آهي.

افراسياب خٽڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جلسي کي اجازت ناهي ڏني، پر ان باوجود جلسو ڪرڻ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.

اي اين پي اڳواڻ بشريٰ گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ معافي نامه قبول ڪرڻ بدران جوڳا قدم کڻي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*