ڀان سيدآباد ۾ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين امتحاني سينٽر تي ڇاپو

bhan-ڀان سيدآباد ۾ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين محمد خان ميمڻ پاران امتحاني سينٽر تي ڇاپي دوران ڪاپيءَ جي ڌم متل هئڻ سبب انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، بورڊ چيئرمين 5 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪري شاگردن کان گائيڊس ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتا.

تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين محمد خان ميمڻ اوچتو ڀان سيدآباد هاءِ اسڪول جي امتحاني سينٽر تي پهتو ته انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.

ڇاپي دوران ويجيلينس ٽيم شاگردن وٽان موبائيل فون،گائيڊز ۽ ڪتاب هٿ ڪري ورتا ۽ 5 شاگرد کي ڪاپي ڪندي پڪڙيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بورڊ چيئرمين محمد خان ميمڻ چيو ته ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي، هڪ يا ٻه فرد ڪاپي ڪلچر کي روڪي نه ٿا سگهن.

هن چيو ته ڪاپي ڪلچر جي خاتمي تائين سنڌ جي تعليم ترقي نه ٿي ڪري سگهي، امتحاني سينٽرن تي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*