سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي آلودگي پکيڙيندڙ سنڌ جي 30 شوگر ملز کي ايندڙ ڪريشنگ سيزن کان اڳ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ چتاءُ

sugar-mills-in-sindhسنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي  آلودگي پکيڙيندڙ سنڌ جي 30 شوگر ملز کي ايندڙ ڪريشنگ سيزن  کان اڳ ٽريٽمينٽ  پلانٽ لڳائڻ لاءِ چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته نيشنل انوائرو مينٽل ڪوالٽي اسٽينڊرڊ تي عمل نه ڪندڙ ملز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ماحوليات کاتي جي عملدارن پاران 32 شوگر ملز جي مانٽرنگ ڪرڻ کانپوءِ رپورٽ سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي حوالي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 30 شوگر ملز آلودگي پکيڙي رهيون آهن.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته  حيدر آباد، ميرپور خاص ۽ سکر ريجن ۾ 30 شوگر ملز مان نڪرندڙ گندو پاڻي آبي گذر گاهن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو .

اهڙي رپورٽ بعد شگر ملز جي نمائندن ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ  لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن بعد سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي   شوگر ملز کي ايندڙ ڪريشنگ سيزن  کان اڳ ٽريٽمينٽ  پلانٽ لڳائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

سنڌ انوائرومينٽل پروٽيڪشن ايجنسي شوگر ملرز کي خبر دار ڪندي چيو آهي ته نيشنل انوائرو مينٽل ڪوالٽي اسٽينڊرڊ تي عمل نه ڪندڙ ملز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*