بلوچستان جي بولان واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربند هڪ ڊاڪٽر کي اغوا ڪري ويا

bolan

بلوچستان جي بولان واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربند هڪ ڊاڪٽر کي اغوا ڪري ويا، جنهن جي بازيابي لاءِ سڪيورٽي ادارن علائقن کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب بولان واري علائقي مان اڻڄاتل هٿياربند ڪلنڪ بند ڪري گهر واپس ويندڙ ڊاڪٽر ارشاد کوسي کي اغوا ڪري ويا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ارشاد جي ڪار بولان واري علائقي مان لاوارث حالت ۾ هٿ آئي آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ارشاد جي بازيابي لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر ارشاد کي جلد بازياب ڪرايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*