پاناما پيپرز جي نئين لسٽ ۾ 259پاڪستاني شهرين جا نالا سامهون آيا،سڀ کان وڌيڪ آف شور ڪپنيون ڪراچي جي شهرين جون نڪتيون

panama-pepars-links

پاناما ليڪس جو ٻيو بم ڦاٽي پيو، وزيراعظم نواز شريف جي ٻن پٽن حسن، حسين ۽ ڌيءُ مريم نواز جا نالا نئين لسٽ ۾ شامل آهن، 259 پاڪستانين مان سڀ کان وڌيڪ آف شور ڪپنيون ڪراچي جي شهرين جون نڪتيون آهن.

آءِ سِي آءِ جِي پاناما پيپرز جي ٻي قسط پڌري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ وڌيڪ 2 لک آف شور ڪمپنين ۾ اميرن جي ملڪيت جا تفصيل موجود آهن.

پاناما پيپرز جي نئين لسٽ ۾  259پاڪستاني شهرين جا نالا سامهون آيا آهن، جن جون اڍائي سئو آف شور ڪمپنيون آهن.

پاناما پيپرز جي نئين لسٽ ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ٻن پٽن حسن، حسين ۽ ڌيءُ مريم نواز جا نالا شامل آهن.

آءِ سي آءِ جَي موجب عمران خان جو ويجهو ساٿي ذلفي بخاري ۽ سندس ڀينرن جون 6 آف شور ڪمپنيز آهن، تحريڪ انصاف جو جهانگير ترين ۽ قاف ليگ اڳواڻ پرويز الاهي جو پٽ مونس الاهي جي آف شور ڪمپني جو مالڪ آهي.

آصف زرداري جو دوست عبدالستار ڏيرو، پيپلز پارٽي سينيٽر رحمان ملڪ آف شور ڪمپني جو مالڪ آهي، نواز ليگ جي ٻن سينيٽرز طلحه محمود ۽ سينيٽر تهمينه دراني جون به آف شور ڪمپنيون آهن.

پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آف شور ڪمپنيز جو مالڪ سيف الله خاندان آهي، ان خاندان جي 7 ماڻهن جون 30 آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، جاويد سيف الله نالي شخص 17 آف شور ڪمپنيز جو مالڪ آهي.

پاناما پيپرز جي نئين لسٽ موجب پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ ڪراچي جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شهرين جون آف شور ڪمپنيون آهن.

ڪراچي ڪلفٽن جي 35 رهواسين جون پڻ آف شور ڪمپنيون آهن، لاهور گلبرگ جي 19 شهرين جون پڻ آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن.

اسلام آباد، پشاور ۽ گجرات جا شهري به آف شور ڪمپنين جا مالڪ نڪتا آهن.

آءِ سي آءِ جي جي رپورٽ موجب آف شور ڪمپنين لاءِ پاڪستان جا شهري برٽش ورجن آئي لينڊ جي ملڪن کي پسند ڪن ٿا، جتي پاڪستانين جون 153 ڪمپنيون آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*