ميرپور بٺورَي ويجهو شادي تقريب دوران پاروٿو کاڌو کائڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي

mirpur-bathiro

ميرپور بٺورَي ويجهو شادي تقريب دوران پاروٿو کاڌو کائڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ٽنڊو حيدر ۾ شادي تقريب دوران پاروٿو کاڌو کائڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي.

بيهوش ٿيلن ۾ صائمه ٻٻر، ثنيا، سوڀ، واصد علي، سلمان، سليم، نوشاد علي، امام زادي، ميرزادي، نظيران جت، انيسا، سونا، خانزادي ٻٻر، عبدالرحيم چانڊيو ۽ علي محمد ٻٻر شامل آهن، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پاروٿو کاڌو کائڻ سبب متاثر ماڻهن جو تعلق ڳوٺ مريد چانڊيو، لکا ڏنو ٻٻر ۽ راحب جت سان آهي، جيڪي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٽنڊو حيدر ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*