عزير بلوچ جو 14 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي پوليس کيس اڄ اي ٽي سي ۾ پيش

 Uzair--Court-30-1

عزير بلوچ جو 14 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي پوليس کيس اڄ اي ٽي سي ۾ پيش ڪندي، ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي سائوٿ جي  آفيس  ۾ ٿيل  اجلاس ۾ عذير بلوچ کي هر صورت ۾ سزا ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رينجرز پاران گرفتاري بعد پوليس حوالي ڪيل عزير بلوچ جو 14 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کيس اڄ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ذريعن موجب ڊي آءِ جي سائوٿ جي آفيس ۾ پوليس عملدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سٽي ڊويزن جي سمورن اسپيشل انويسٽيگيشن آفيسرن شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته عذير بلوچ کي هر صورت ۾ سزا ڏياري ويندي، سمورن آفيسرن کي عذير بلوچ خلاف شاهديون گڏ ڪرڻ ۽ سمورن شاهدن کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عذير بلوچ جو 14 ڏينهن وارو ريمانڊ اڄ پورو ٿي ويو آهي، جنهن بعد کيس جيل حوالي ڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*