آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ ڏوهه ناهي، نواز شريف ٻڌائي ته سندس ڪٽنب ٽئڪس ڪيترو ڀريو آهي:جهانگير ترين

jhangir-tareen

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ ڏوهه ناهي، نواز شريف ٻڌائي ته سندس ڪٽنب ٽئڪس ڪيترو ڀريو آهي ۽ سندن اثاثن جا تفصيل پڌرا ڇو نه ڪيا ويا آهن؟.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو وزير اعظم نواز شريف کان ايوان ۾ اچڻ تي اپوزيشن گڏيل سوالنامو تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم کان سوال ڪيا ويندا ته آف شور ڪمپنين تي ڪيتري سيڙپڪاري ڪئي وئي ۽ وزيراعظم پنهنجا ۽ ڪٽنب جا سمورا اثاثا ڪليئر ڇو نه ڪرايا آهن.

سندس چوڻ هو ته پاناماليڪس اهم معاملو آهي، اپوزيشن رڳو وزيراعظم جي ايوان ۾ موجودگي نه پر سوالن جا جواب چاهي ٿي.

هن چيو ته ضروري ناهي ته آف شور ڪمپنيون غيرقانوني هجن، پر وزير اعظم نواز شريف فنڊز جي حوالي سان ايوان ۾ سوالن جا جواب ڏي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*