چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرريءَ واري طريقيڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي

Election--11-11

چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرريءَ واري طريقيڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت ٽيڪنوڪريٽ يا رٽائرڊ سرڪاري آفيسر به اليڪشن ڪمشنر جو سربراهه ٿي سگهي ٿو.

 اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اسحاق اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي سمورن ميمبرز شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ميمبرز جي مقرري واري قانون ۾ تبديلي سميت ٻين معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته چونڊ سڌارن بابت پارليماني ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري واري طريقيڪار جي منظوري ڏني آهي.

زاهد حامد چيو ته ٽيڪنوڪريٽ، رٽائرڊ سرڪار آفيسر، سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج يا ان جيتري اهليت رکندڙ چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي اهليت تبديل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.

هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي جج جي اهليت رکندڙ به اليڪشن ڪميشن جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، اليڪشن ڪميشن جا 2 ميمبر اڍائي سال ۽ ٻيا ميمبر 5 سالن بعد رٽائرڊ ٿيندا.

زاهد حامد وڌيڪ چيو ته آئين ۾ ترميم وارو بل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ هفتي پيش ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*