متحده سربراهه جي را سان لاڳاپن بابت دنيا کي خبر پئجي چڪي آهي، هاڻي ڪراچي ۾ دهشت جو ماحول هلي نه سگهندو:مصطفيٰ ڪمال

mustfa-kamal

پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪِلي ٺوڪڻ واري ڳالهه هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، متحده سربراهه جي را سان لاڳاپن بابت دنيا کي خبر پئجي چڪي آهي، هاڻي ڪراچي ۾ دهشت جو ماحول هلي نه سگهندو.

سکر جي مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته متحده کي مثبت سياست ڪرڻ گهرجي، ڪلي ٺوڪڻ واري ڳالهه هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته سرفراز مرچنٽ پاران ڏنل ثبوتن کي اسڪاٽلينڊ پوليس به تسليم ڪيو، جيڪا عمران فاروق واري معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته عمران فاروق ۽ مني لانڊرنگ بابت بي بي سي سڀ کان پهريان رپورٽ ڏني، جنهن کي متحده چئلينج نه ڪري ثابت ڪيو ته برطانوي خابرو رپورٽ جي درست آهي.

هن چيو ته هــُو پاناما ليڪس ۾ مخالف ڌر جو حصو نه آهن، سڀئي گڏجي سسٽم کي ٺيڪ ڪن ته جيئن اڳتي ملڪ جا ماڻهو حصو نه ٿي سگهن.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي ۾ دهشت جو ماحول هاڻي وڌيڪ نه هلي سگهندو، متحده سربراهه جي را سان لاڳاپن بابت سڄي دنيا کي خبر پئجي چڪي آهي ۽ جاچ ادارن وٽ سندس خلاف ايترا ثبوت آهن جو اهي رد نه ٿي سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*