سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ 18هين گريڊ جي آفيسرن کي ايس ايس پي مقرر ڪرڻ تي صوبائي سرڪار کان وضاحت طلب

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ 18هين گريڊ جي آفيسرن کي ايس ايس پي مقرر ڪرڻ تي صوبائي سرڪار کان وضاحت طلب ڪري ورتي، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته آءِ جي سنڌ ٻڌائي ته 19هين بدران 18گريڊ جا آفيسر ڪهڙي قانون تحت ايس ايس پي مقرر ڪيا ويا.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ ۾ 18هين اسڪيل جي آفيسرن کي ايس ايس پي مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل سيڪريٽري غلام علي عدالت  ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي.

ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي ٻڌيو ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ 18 ۽ ڪٿي 19 اسڪيل جي آفيسرن کي ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي.

عدالت رمارڪس ڏنا ته آئين موجب،19هين اسڪيل جو آفيسر ايس ايس پي مقرر ٿي سگهي ٿو، پر سنڌ ۾ 18 هين گريڊ جي عملدارن کي ايس ايس پيز جون پوسٽون ڏنيون ويون، ڇا آءِ جي سنڌ قانون کان مٿانهون آهي؟.

سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کان وضاحت طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*