قوم جي دعائن سان سندس پٽ دهشتگردن وٽان بازياب ٿيو آهي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون:يوسف رضا گيلاني

yousif-raza-ghilani

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قوم جي دعائن سان سندس پٽ دهشتگردن وٽان بازياب ٿيو آهي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.

آزاد ڪشمير جي شهر باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي تحت ملڪ جي ترقي لاءِ جاکوڙي رهي آهي.

هن چيو ته قوم جي دعائن سان علي حيدر گيلاني افغانستان مان دهشتگردن وٽان بازياب ٿيو آهي، اڄ سندس زندگي جو خاص ڏينهن آهي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي جماعت آهي، آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*