ايران عراق ۽ شام کان زيارتون ڪري واپس ايندڙ ساڍا 6 زائرين کي سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪ ايران سرحد وٽ روڪيو ويو

Taftan--iran-pak--border

ايران عراق ۽ شام کان زيارتون ڪري واپس ايندڙ ساڍا 6 زائرين کي سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪ ايران سرحد وٽ روڪيو ويو، زائرين جو چوڻ آهي ته کاڌ خوراڪ جو سامان ختم ٿي وڃڻ سبب هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ايران عراق ۽ شام کان زيارتون ڪري واپس ايندڙ ساڍا 6 کان وڌيڪ زائرين کي سيڪيورٽي خدشن سبب تافتان ۾ پاڪ ايران سرحد وٽ روڪيو ويو آهي.

سنڌ توڙي پنجاب جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپور خاص، شهدادپور، ٽنڊو الهيار، خيرپور، سيالڪوٽ ۽ لاهور سان تعلق رکندڙ زائرين ۾ ڪيترائي ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن.

زائرين جو چوڻ آهي ته هو 6 ڏينهن کان پاڪ ايران سرحد وٽ پاڪستان هائوس ۾ ترسيل آهن، جتي کين ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته کاڌ خوراڪ جو سامان ختم ٿي وڃڻ سبب هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي خدشن سبب کين گهرن ڏانهن واپس نه پيو آندو وڃي، جنهن ڪري هو سخت پريشان آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين گهرن ڏانهن واپس آڻڻ جو جلد بندوبست ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*