هاڻي پنجاب جي وزير اعليٰ هائوس ۾ ويٺل ڇوٽوگينگ جو صفايو ڪرڻو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

bilawal-bhutho

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب جي گورننس تي به ڳالهائڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي پنجاب جي وزير اعليٰ هائوس ۾ ويٺل ڇوٽوگينگ جو صفايو ڪرڻو آهي، نواز شريف جي غلط پاليسين سبب بلوچستان پٺتي پيل آهي.

آزاد ڪشمير جي شهر باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته هــُو سرڪس جي شينهن جو کيل ختم ڪندو، ڇاڪاڻ ته هو ان جو پٽ آهي جنهن کي ماڻهو شينهن جو شڪاري چون ٿا.

هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف نريندر مودي کي پنهنجو دوست قرار ڏئي ٿو، جڏهن ته دنيا مودي کي دهشتگرد سمجهي ٿي، هندوستاني وزير اعظم جي نگراني ۾ 3 ڏينهن مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو.

هن چيو ته پاڪستان مان سرحد پار ڪندڙ ڪبوتر کي به پاڪستاني ايجنٽ قرار ڏنو وڃي ٿو، پر بلوچستان مان را جا ايجنٽ گرفتار ٿيڻ باوجود ميان صاحب هڪ لفظ ئي نه ڳالهايو، نواز شريف ڪشمير بابت موقف کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي.

بلاول چيو ته ڀارت دشمن، افغانستان ناراض ۽ ايران سان دوستي ناهي، موجوده حڪومت جي ناقص پاليسين سبب پاڪستان جا پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جو فقدان آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته پنجاب ۾ پورهيت جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي ۽ شهباز شريف اورينج ٽرين منصوبي تي 162 ارب خرچ ڪري رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*