سپريم ڪورٽ، سنڌ جي قانون واري کاتي ۾ غير قانوني مقرر آفيسرن کي نه هٽائڻ بابت وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ايڊيشنل سيڪريٽري کي وضاحت وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ، سنڌ جي قانون واري کاتي ۾ غير قانوني مقرر آفيسرن کي نه هٽائڻ بابت وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ايڊيشنل سيڪريٽري کي وضاحت وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ جي قانون واري کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن کي نه هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار محبوب علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود قانون واري کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن.

ٻڌڻي دوران عدالت ايڊيشنل سيڪريٽري سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته قانون واري سيڪريٽري کي ڪهڙي بنياد تي مقرر ڪيو ويو آهي، اوهان ان جو رڪارڊ ڏٺو آهي؟.

عدالت ايڊيشنل سيڪريٽري کي صوبائي سرڪار کان هدايتون وٺي سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*