وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

nawaz-army-ajlas

 وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف ۽ ٻيا واڳيل عملدار شريڪ آهن.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران سڄي ملڪ ۾ جاري ڪوبنگ آپريشن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال، آپريشن ضرب عضب  ۽ ٻين معاملن تي به ويچاريو ويو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*