ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سعيد بلوچ سميت ٽن جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي مالي مدد ۽ ٻين الزامن هيٺ گرفتار ٿيل فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سعيد بلوچ سميت ٽن جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

پوليس سعيد بلوچ، دلمراد ۽ مهر  بخش کي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي ٽنهي عملدارن کي جوڊيشل ريمارنڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

رينجرز فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي ٽنهي عملدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ پوليس حوالي ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*