ملير ۾ سپر هاءِ وي ڀرسان قائم الهه رکيو ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس چڙهائي دوران چڪرين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Malir-Afalah-16-1

ملير ۾ سپر هاءِ وي ڀرسان قائم الهه رکيو ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس چڙهائي دوران چڪرين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته مڇريل ماڻهن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

پوليس اٽالن ملير جي گڊاپ جي احسن آباد واري علائقي ۾ واقع الهه رکيو ڳوٺ خالي ڪرائڻ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران پوليس ۽  ڳوٺاڻن وچ ۾ چڪريون ٿيون.

مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ سبب جنهن دوران شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي ڪري عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڳوٺ کي خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن تي تشدد بابت خبرون درست نه آهن.

رهواسين ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻاررن تي تشدد جو نشانو بڻايو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*