ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن:آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه

IG-sindh-AD-

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن، گهٽ وسيلن باوجود پوليس امن امان جي صورتحال بهتر ڪري ڏيکاري آهي، ايس آر پي ۾ ٿيل بي ضابطگين جي جاچ هلندڙ آهي، مغوي ناري فضيلا سرڪي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

گهرو کاتي سنڌ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري مصطفيٰ جمال، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران آگاهي ڏيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته ڪراچي ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن، پوليس جي بهتر ڪارڪردگي سبب امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا گهٽيا آهن.

اي ڊي خواجه چيو ته ڪراچي ۾ گشتي پوليس جي وينز لاءِ گهربل تيل نه ملڻ سبب اهلڪار گاڏين کي ڌڪا ڏيندي نظر ايندا آهن، جيڪا پوليس کاتي جي بدنامي آهي.

هن چيو ته سنڌ ريزرو پوليس ۾ بي ضابطگين بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت جاچ هلندڙ آهي، هڪ ئي ضلعي جي400 ماڻهن کي ڏوڪڙن تي ڀرتي ڪيو ويو، ميرٽ تي ڀرتي ٿيل عملدارن جو ساٿ نه ڇڏيو ويندو.

ڪميٽي چيئرمين آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته ٺل مان اغوا ٿي ويل نينگري فضيلا سرڪي کي 9 سال گذرڻ باوجود بازياب ڇو نه ڪرايو ويو آهي؟.

آءِ جي سنڌ چيو ته فضيلا سرڪي جي اغوا وارو معاملو 9 سال پراڻو آهي، ڪيس جو نامزد مک ڏوهاري ٻڍو سرڪي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، جڏهن ته فضيلا سرڪي جيئري آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*