ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ايم ڪيو ايم ڪارڪن وقاص شاهه جو قتل ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ايم ڪيو ايم ڪارڪن وقاص شاهه جو قتل ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج نائن زيرو ۾ رينجرز جي ڇاپي دوران احتجاج دوران مارجي ويل وقاص شاهه جو قتل ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دروان وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وقاص شاهه جي قتل جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ جي زمري ۾ نٿو اچي، تنهنڪري اي ٽي سي ٻڌڻي نٿي هلائي سگهي.

عدالت وقاص شاهه جي قتل جو ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو جلد ٻڌايو ويندو.

واضح رهي ته رينجرز جي نائن زيرو تي ڇاپي دوران ايم ڪيو ايم جي احتجاج دوران فائرنگ ۾ وقاص شاهه مارجي ويو هو، ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*