اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ٽڊاپ ڪرپشن جي پنجن ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

islamahighicourt18-8

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ٽڊاپ ڪرپشن جي پنجن ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي  آهي، يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته کيس افغان سفير فون ڪري پٽ جي بازيابي جي خبر ڏني هئي، سرتاج عزيز به فون ڪري علي حيدر گيلاني جي بازيابي جي تصديق ڪئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بينچ  اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

يوسف رضا گيلاني جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي  چيو ته ڪراچي جي  وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي پر عدالت يوسف رضا گيلاني جا وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته اينٽي ڪرپشن ڪورٽ آڏو پيش ٿيڻ لاءِ سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت، وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد 23 مئي تائين يوسف رضا گيلاني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.

عدالتي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته  عدالتن جو احترام ڪيان ٿو، عدالت جي حڪم تي پيش ٿيو آهيان.

يوسف رضا گيلاني چيو ته پٽ جي بازيابي تي خوشي آهي، افغان سفير علي حيدر گيلاني جي بازيابي جي خبر ڏني هئي، جنهن بعد سرتاج عزيز فون ڪري تصديق ڪئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*