سپريم ڪورٽ پاران ارڙهين گريڊ وارن ايس ايس پيز کي هٽائڻ واري حڪم سان ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 17 کان وڌيڪ آفيسر متاثر

police-officer-11-05-16

سپريم ڪورٽ پاران ارڙهين گريڊ وارن ايس ايس پيز کي هٽائڻ واري حڪم سان ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر سميت 17 کان وڌيڪ آفيسر متاثر ٿيندا.

عدالتي حڪم تي عملدرآمد سان ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو، ايس ايس پي سکر امجد شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر سڌي ريت متاثر ٿيندا.

ايس ايس پي اينٽي ڪار لفٽنگ عرفان بهادر، ايس ايس پي ڪراچي سٽي فدا حسين جانوري، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ عمر طفيل ۽ ايس ايس پي پرويز عمراڻي کي به پنهنجي عهدن تان هٿ ڌوئڻو پئجي ويندو.

ايس ايس پي ملير رائو انوار، پوليس ٽريننگ سينٽر سعيد آباد جو پرنسپال شاد اِبن مسيح، شهدادپور پوليس ٽريننگ سينٽر جو ايس پي سردار حسين، رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر جو پرنسپال ڪيپٽن حيدر به عدالتي حڪم تي عملدرآمد سان متاثر ٿيندا.

ايس ايس پي ڪرائم برانچ ون اڪرم ابڙو، ايس ايس پي ڪرائم برانچ ٽــُو طارق مغل، ايس ايس پي ڪرائم برانچ ميرپورخاص عاشق بوزدار، ايس ايس پي ڪرائم برانچ سکر عليم خان ۽ ايس ايس پي دادو شيراز نذير به عدالتي فيصلي سان سڌيءَ ريت متاثر ٿيندا…………

Comments

  1. Ogahi
    Ogahi 12 May, 2016, 20:31

    Kandh Kot Wali ki News sun k Acha Laga

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*