عذير بلوچ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي 14 ڏينهن اندر سندس چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

uzahar-atc

ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ لياري گينگوار جي مک ڪردار عذير بلوچ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي 14 ڏينهن اندر سندس چالان پيش  ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ غير قانوني هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نبي بخش ٿاڻي جي پوليس لياري گينگوار جي مک ڪردار عزير بلوچ جو 14 ڏينهن وارو رمانڊ ختم ٿيڻ بعد کيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت عذير بلوچ کي جڊيشل رمانڊ تي عدالت موڪلڻ جو حڪم ڏيندي سندس 14 ڏينهن اندر چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته، عذير بلوچ تي دهشتگردي ۽ قتل سميت ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جن جي حوالي سان رينجرز جي جاچ هلندڙ آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*