چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج ۽ عورتن بابت وفاقي محتسب ۾ ڏند چڪ جو نوٽيس وٺندي 17 مئي تي پاڻمرادي معاملي جي ٻڌڻي

Supreme-Court-14-4-16

 چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج ۽ عورتن بابت وفاقي محتسب ۾ ڏند چڪ جو نوٽيس  وٺندي 17 مئي تي پاڻمرادي معاملي جي ٻڌڻي ڪئي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سـُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، چيف جسٽس انور ظهير جمالي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منظور علي شاهه ۽ عورتن بابت وفاقي محتسب ياسمين وچ ۾ ڏند چڪ جو نوٽيس ورتو آهي.

چيف جسٽس حڪم ڏنو آهي ته پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي 17 مئي تي ڪئي وڃي.

چيف جسٽس، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منظور علي شاهه جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ وارو حڪم به معطل ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته عورتن کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منظور علي شاهه وفاقي محتسب ياسمين کي طلب ڪيو هو ۽ عدالت ۾ پيشيءَ وقت ياسمين غير مشروط معافي گهري هئي پر ان جي ٻي ڏينهن واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جا  گرفتاري وارنٽس جاري ڪيا هئا.

ميڊيا تي اهڙون خبرون اچڻ بعد چيف جسٽس ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*