ٽيم ڊسپيلين ، فٽنس ۽ فيلڊنگ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو:پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر

pakistan-new-coach-mickey-a

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيوآهي ته هو ٽيم ڊسپيلين ، فٽنس ۽ فيلڊنگ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندو.

مڪي آرٿر هڪ فرانسسي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيوته هو ڊسپيلين واري معاملي تي ڪنهن سان به نرمي نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته جيڪڏهن ٽيم جو ڊسيپيلن بهتر ٿيو ته ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.

مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ شامل هر رانديگر ٽيم لاءِ کيڏي، ڪوبه پنهنجي زاتي ڪارڪردگي سبب ٽيم ۾ شامل نه هجڻ گهرجي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فٽنس ٽيسٽ ۾ احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي شروع ۾شامل نه ڪيو هو ،جنهن بعد احمد شهزاد پنهنجي روئي تي معافي ورتي،جنهن بعد ٽيم جي فٽنس ڪيمپ ۾ شامل ڪيو ويو،جڏهن ته عمر اڪمل کي به ڪيمپ ۾ رکيو ويو.

مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته ٽيم جي بالنگ سٺي آهي پر بيٽنگ کي بهتر بڻائن جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*