نيب ڪراچي ۾ پوسٽ آفيس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ دوران 6 عملدارن کي گرفتار ڪري ورتو
نيب ڪراچي ۾ پوسٽ آفيس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ دوران 6 عملدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
نيب ترجمان موجب ڪراچي ۾ پوسٽ آفيس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن ۽ چائنا ڪٽنگ تحت 173 پلاٽن جي الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ 6 عملدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
نيب ترجمان موجب پوسٽ آفيس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جاچ هلي رهي آهي.