ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ گرفتار منهاج قاضي کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ATC-karachi-21-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ گرفتار منهاج قاضي کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي محمود آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي،ساڳي ڪيس  جي جوابدار صولت مرزا کي ڦاهي اچي چڪي آهي.

رينجرز ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين  ڪيسن ۾ گرفتار ڪيل منهاج قاضي جو 90 ڏينهن رمانڊ پورو ٿيڻ تي کيس پوليس حوالي ڪيو هو.

ڪراچي جي نبي بخش ٿاڻي جي پوليس ٽارگيٽ ڪلر منهاج قاضي کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو، جنهن کي عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ 6 ڏينهن ڏينهن جي رمانڊ تي محمود آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت  شاهد حامد قتل ڪيس جي جاچ محمود آباد جي ايس ايڇ او سرور ڪمانڊو حوالي ڪئي آهي.

شاهد حامد قتل ڪيس  ۾ جوابدار صولت مرزا کي اڳ ئي ڦاهي اچي چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*