ٻارنهن مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي:مولابخش چانڊيو

mola-bux-chandio

سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته 12مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، پ پ 12 مئي تي جمهوريت جو دفاع ڪيو ۽ هاڻي به ڪري رهي آهي.

مولا بخش چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته12 مئي تي هڪ آمر طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو پاڻ تباهه ٿي ويو.

صوبائي صلاحڪار چيو ته 12مئي جي شهيدن جي رت سان ٻرندڙ ڏيئو اڄ به روشن آهي  ۽ 12 مئي تي طاقت ڏيکاريندڙ اڄ  پاڻ مشڪلاتن ۾ آهن.

مولا بخش چانڊيو ته چيو  ته 12مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، پ پ 12 مئي تي جمهوريت جو دفاع ڪيو ۽ هاڻي به ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*