نيب ٽيم پاران فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي موجودهه ۽ اڳوڻن عهديدارن کان پڇاڳاڇا شروع

nab-logo-08

فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ بي ضابطگين جي رپورٽس  نيب ٽيم پاران فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي موجودهه ۽ اڳوڻن عهديدارن کان پڇاڳاڇا شروع ڪئي  آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين سلطان قمر  خلاف جاچ جاري آهي ۽ اڄ نيب ٽيم رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ بي ضابطگين جي جاچ جاري آهي، نيب ٽيم  فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي موجودهه ۽ اڳوڻن عهديدارن کان پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي.

فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن بابت جاچ ۾ اهم انڪشافن کانپوءِ نيب جاچ جو دائرو وڌائيندي فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي عهديدارن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ اڄ مختلف عهديدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب جاچ دوران پتو پيو آهي ته اڄڪلهه به فشري ۾ هر مهيني ڪروڙين رپين جي ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته نيب  عزير بلوچ ۽ سعيد ڀرم پاران فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾  ڪرپشن جي حوالي سان ڪيل انڪشافن جي بنياد تي جاچ شروع ڪئي آهي.

نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين سلطان قمر  خلاف جاچ جاري آهي ۽ اڄ نيب ٽيم فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي آفيس مان رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

نيب ترجمان موجب سلطان قمر صديقي ٻيڙين ذريعي پئسا دبئي منتقل ڪيا ۽ هو غير قانوني ڀرتين ۾به ملوث آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*