وزيراعظم نواز شريف تاجڪستان جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه پهچي ويو

nawaz-sharif-tajistan

 وزيراعظم نواز شريف تاجڪستان جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه پهچي ويو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته مخالف ڌر جي ايجنڊا ڪرپشن جي جاچ نه پر سندس پيڇو ڪرڻ آهي، پاناما معاملي تي جيڪا ڳالهه پارليامينٽ ۾ ڪرڻي هوندي، اها اتي ئي ڪندس.

تاجڪستان کان ڏيهه واپسي تي جهاز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو ويو آهي.

هن چيو ته جيڪا ڳالهه پارليامينٽ ۾ ڪرڻي هوندي، اها ايوان ۾ ئي ڪئي ويندي ۽ جيڪا ڳالهه جڊيشل ڪميشن جي سامهون ڪرڻي جهڙي هوندي، اها ڪميشن آڏو ئي بيان ڪئي ويندي.

وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جي ايجنڊا ڪرپشن نه پر نواز شريف جو پيڇو ڪرڻ آهي، پاڻ کي ڪٽنب سميت احتساب لاءِ پيش ڪري چڪو آهيان، جيڪڏهن ڪميشن گهرايو ته پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاناما پيپرز جي جاچ نيب کان ڪرائڻ جي تجويز آئي ته ان تي غور ڪيو ويندو پر سندس دلي خواهش آهي ته ان معاملي جي جاچ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ڪميشن ڪري.

وزيراعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان ويل هو، جتي هن ڪاسا هزار منصوبي جو افتتاح ڪيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*