قومي ڪرڪيٽر شرجيل خان سوشل ويب سائيٽ تي جاري ڪيل هڪ وڊيو پيغام ۾ ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف

sharjeel-khan

قومي ڪرڪيٽر شرجيل خان سوشل ويب سائيٽ تي جاري ڪيل هڪ وڊيو پيغام ۾ ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته اڻڄاتل ماڻهو  ڀتي لاءِ فون ڪري رهيا آهن، انڪار تي جعلي وڊيوز  انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، شرجيل جو وڊيو بيان سامهون اچڻ تي پوليس حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي پهچي وئي.

حيدرآباد سان تعلق رکندڙ قومي ڪرڪيٽر شرجيل خان سوشل ميڊيا تي پنهنجو هڪ وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته اڻڄاتل ماڻهو کيس ڌمڪيون ڏئي ڀتو گهري رهيا آهن.

هن پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ جعلي وڊيو انٽرنيٽ تي جاري ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

شرجيل خان جو وڊيو پيغام سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ حيدرآباد پوليس ڪينٽ ۾ سندس رهائشگاهه تي پهچي تفصيل معلوم ڪيا.

پوليس ذريعن موجب شرجيل خان ڌمڪين ملڻ وارو فون نمبر پوليس کي ڏيڻ کان انڪار ڪندي پي سي بي جي اجازت مشروط ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*