آءِ ايم ايف ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرز جي نئين قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Ishaq-Dar-14-4-16

آءِ ايم ايف ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرز جي نئين قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پاڪستان آءِ ايم ايف کي نجڪاري پروگرام تي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

دبئي ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪئي.

اجلاس ۾ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي معاشي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ نئين قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ايندڙ مهيني پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالرز جي نئين قسط ملي ويندي.

هن چيو ته معاشي ترقي لاءِ توانائي جي شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، هلندڙ مالي سال ٽئڪس اوڳاڙين جا هدف حاصل ڪري وٺنداسين، جڏهن ته بجيٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ گهربل هدف حاصل ڪري ورتا آهن.

اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف کي نجڪاري پروگرام تي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*